قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾ شھرين طرفان گندگي ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف 11 ھين ڏينهن ڪفن پوش ٿي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي سڪندر صنم جهنڊيل، اياز جمال، خالد چانڊيو چيو ته ميونسپل انتظاميا ۾ ويزا سسٽم، سفارشي ڀرين تحت پگهارون کڻدڙ سوين ملازم شهر جي مختلف پاڙن تونيا محلي ، نور شاھ محلي ، سومرا محلي ، قادري گرلز پرائمري اسڪول، انصاري محلي ، چانڊيا گهٽي، ابراهيم شاھ بخاري گهٽي، سرهيا محلي ، شيواله محلي، پوسٽ آفيس محلي، گوپانگ محلي، مسڻ محلي ، ڪاڪا محمد علي چانڊيو محلي، پراڻي ڪورٽ، باگو ديرو، چانڊيا محلي ، ميان مڱڻ. روڊ، راجا ڪالوني، باغ واري گهٽي، چچا ڪالوني، ڪلر محلي سميت سڄو شهر وڌندڙ گندگي، کليل گٽر ۽ ناڪارا سيوريج سسٽم سبب روڊ ۽ رستا درياءَ جو ڏيک ڏئي رهيا آھن، اھڙي آزار خلاف 11 ڏينهن ڪفن پائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آھي. پر ميونسپل ڪاميٽي عملدارن توڙي ڊي سي قمبر طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي ھنن چيو ته شھر جي صفائي سٿرائي ۽ گندگي جي خاتمي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.