فريدآباد (ن پ ا) ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي کوٽ ۽ 6 ڪروڙن جي واٽرسپلا اسڪيم مڪمل نه ٿيڻ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪاڇي واسين احتجاج ڪيو. ميھر علي ڏيرو، سڪندر علي بروھي پير محمد ڏيرو محرم علي رند، شبير ڪرٽيو سجاد علي ڏيرو ظفر خاصخيلي مير گلاب ڏيرو ذالفقار ڪرٽيو زيب رند علي دوست چانڊيو علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 91 ھين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ھنن چيو ته ڪاڇي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سھولت ناھي. جنھن ڪري اسين ڪاڇي واسي پاڻي ڍڪ لاء تڙپي رھيا آھيون 3 سال اڳ اسان جي دانهن ڪوڪن ۽ احتجاجن ڪرڻ بعد 6 ڪروڙن جي واٽرسپلا اسڪيم ڪاڇي جي 9 ڳوٺن لاءِ ته ڏني وئي پر واٽر سپلاءِ اسڪيم جو ڪم 3 سالن کان رولھڙي جو شڪار بڻيل آهي ان کان علاوه ھنن چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئر دادو ايس ڊي او ميهڙ جي ملي ڀڳت سان ٺيڪيدار ولي الله ڀٽو ڪرپشن ڪري واٽر سپلا جا پائپ وڪرو ڪرڻ بعد ڪم بند ڪري گم ٿي ويو آهي. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان، آرمي چيف سميت ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو تـ واٽر سپلا جي ڪم ۾ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي جانچ ڪرائي ڪاڇي واسين کي پئيڻ جي پاڻي جي سھولت ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جي حتجاجي تحريڪ جاري رهندي.