ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوباگو جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ ڪري ٽائون آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو. ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوباگو جي ملازمن پاران کين گذريل مهيني جي پگهار نه ملڻ خلاف ايمپلائيز يونين جي اڳواڻن سخاوت بلوچ، رحيم روستماڻي ۽ آڪاش جعفري جي اڳواڻي ۾ ٽائون آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي يونين اڳواڻ سخاوت بلوچ خطاب ڪندي چيو ته پگهارون نه ملڻ ڪري ٽائون ملازمن جي گهرن ۾ ڦاڪاڪشي واري صورتحال آهي، هن چيو ته هاڻي دڪاندار به ملازمن کي اوڌر تي سامان نه ٿا ڏين. ھن سيشن جج بدين ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين کان گهر ڪئي ته فورن ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوباگو جي ملازمن کي پگهارون ڏنيون وڃن. رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر ٽنڊوباگو غلام اصغر شيخ ٻڌايو ته فنانس کاتي کان آگسٽ مهيني جي قسط نه اچڻ ڪري پگهارون نه ٿي سگهيون آهن. جيئن ئي قسط جاري ٿي ته ملازمن کي پگهارون ڏنيون وينديون.