سيوھڻ (ن پ ا) سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سواء سنڌ جون ٻيون درگاھون کولڻ واري اعلان بعد سيوھڻ  ۾ سنڌ جي ناليواري صوفي بزرگ حضرت لعل شھباز قلندر جي روضي کي 38 ڏينهن بند ۽ 2 ڏينھن دير سان عام زائرين لاءِ کوليو ويو آھي، جنهن بعد قلندر لعل شھباز جي عقيدتمندن ۽ زائرين ۾ خوشيء جي لھر پيدا ٿي وئي آهي. ايڊمنسٽريٽر اوقاف عبدالغني مھر ۽ مئينجر اوقاف محمد زبير بلوچ جي موجودگي ۾ شھرين ۽ عقيدتمندن  پاران قلندر جي مزار تي چادر  چاڙھي ملڪ اندر ڪورونا وائرس جي خاتمي لاء خاص دعائون گهريون ويون.