لاڙڪاڻو/ باقراڻي (نمائندن وٽان) ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ خان محمد ڪلهوڙو مان 16 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان  سعيد عباسي واري معاملي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ نوٽيس وٺندي ڌرين کي 6 سيپٽمبر تي طلب ڪري پوليس کان رپورٽ گهري ورتي آهي. واضع رهي ته نوجوان جي وارثن احتجاج ڪندي ٻن ڳوٺاڻن علي رضا ۽ گدا حسين مٿان نوجوان اغوا جو الزام هنيو هو، جڏهن ته الزام هيٺ آيل علي رضا جي پيءُ رضوان علي عباسي پنهنجي وارثن سان گڏجي احتجاج ڪندي نوجوان کي اغوا ڪرڻ وارن الزامن کي رد ڪري نوجوان جي وارثن مٿان الزام هنيو آهي ته نوجوان کي سندس پيءُ ۽ چاچن مارڪٽ ڪري گم ڪيو آهي.