ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو ۾ سم نالن جي کاٽي ۽ صفائي نه ڪرائڻ خلاف ڳوٺاڻن عرس  گندرو، يارم محمد ، دوست علي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ورهين کان سم نالن جي کاٽي ناهي ڪرائي وئي، برسات ۾ پاڻي ڳوٺاڻن ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جهن سبب نقصان جو انديشو آهي، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي سم نالي جي کاٽي ۽ صفائي ڪرائي وڃي.