قصور ۾ ٽريفڪ حادثو: اسسٽنٽ ڪمشنر پتوڪي سميت 2 ڄڻا فوت، 4 ڄڻا زخمي

0
175
قصور ۾ ٽريفڪ حادثو: اسسٽنٽ

قصور (ڊيسڪ رپورٽ) قصور ۾ ڦول نگر باءِ پاس ويجهو ٻن گاڏين ۾ زودار ٽڪر، اسسٽنٽ ڪمشنر پتوڪي سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽  4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن

ريسڪيو عملدارن موجب اسسٽنٽ ڪمشنر پتوڪي راجا قاسم لاهور کان پتوڪي لاءِ پاڻ گاڏي هلائي وڃي رهيو هو ته ڦول نگر باءِ پاس تي حادثي جو شڪار ٿي ويو

 حادثي سبب اي سي پتوڪي سوڌو 2 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو آهي