قسمت جي ديوي مهربان:نوجوان حادثي کان بچي ويو

0
263

هنوئي (دلچسپ نيوز) قسمت جي ديوي مهربان، نوجوان حادثي کان بچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ويٽنام جي شهر هنوئي ۾ هڪ نوجوان جم ۾ ورزش لاءِ پهتو، نوجوان دوست سان ڳالهائي رهيوهوته ڇت واروپنکوڪري پيو، پنکي جي ڪرڻ جو آواز ٻڌي نوجوان فوري طوراتان هٽي ويو، جم ۾ موجود نوجوان حيران ٿي ويا، دوست جي بچڻ تي خوش ٿيا ۽ کيس مبارڪون ڏنيون. ٻئي طرف پنکي ڪرڻ ۽ نوجوان جي تيزي سان هٽڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن بعد صارفين پاران دلچسپ تبصرا ڪيا ويا، هڪ صارف لکيو ته مون کي هر وقت خوف رهي ٿو انڪري آئون پنکي هيٺان نه سمهندو آهيان.