اسپين ۾ گم ٿي ويل شخص جو لاش ڊائنا سور جي مجسمي مان هٿ آيو

0
439

بارسلونا (دلچسپ نيوز) اسپين ۾ گم ٿي ويل شخص جو لاش ڊائنا سور جي مجسمي مان هٿ آيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسپين جي شهر بارسلونا جي علائقي ڪيٽالونيا ۾ هڪ پارڪ ۾ رکيل ڊائنا سور جي اندر نوجوان جو لاش هٿ اچڻ بعد پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 39 ورهين جي فوتي نوجوان جي وارثن لاش هٿ اچڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي هئي جڏهن ته پارڪ ۾ تفريح لاءِ آيل هڪ شخص ۽ سندس پٽ مجسمي جي هڪ ڄنگهه وٽان بدبوءِ اچڻ بعد پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن تي پوليس پهچي معائنو ڪرڻ بعد فائربرگيڊ عملي کي طلب ڪيو جنهن ڊائنا سور جي ڄنگهه ڪاٽي ڦاٿل لاش ڪڍي ورتو. پوليس موجب فوتي نوجوان جو فون ڊائنا سور جي اندر ڪري پيو، جنهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش دوران هو ڦاسي فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ هو ته لڳي ٿو نوجوان ڪيترن ئي ڏينهن کان ڦاٿل هو، لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته سندس موت ڪيئن ٿيو آهي. پوليس چيو ته اها حادثاتي موت آهي ڪنهن تشدد جو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي. پوليس موجب هر حوالي سان جاچ ڪئي ويندي، ڇا ڪاڻ ته معاملو منجهيل به اهي، ٻئي طرف وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو ڊائناسور ۾ اندر وڃڻ ايترو آسان ناهي.