مير واھ گورچاڻي ۽ موري ۾ خوراڪ کاتي جون ڪارروايون، سوين ڪڻڪ جون ٻوريون ھٿ

0
323

ميرپورخاص/مورو (نمائندن وٽان) ميرواھ گورچاڻي شهر ڀرسان ڊگھڙي روڊ تي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ميرپورخاص ٽيم جي انچارج مير علي محمد ٽالپر جي سربراھي ۾ ٽيم ڳجھي اطلاع تي ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ تي ڇاپو هڻي، لڳ ڀڳ 700ٻوريون هٿ ڪري ورتيون، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي واري هنڌ تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي خريداري تي پابندي لاڳو هجڻ باوجود ڪڻڪ ڪراچي منتقل ٿي رهي هئي، ٻئي پاسي مورو(ن پ ا) موري ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن ڪارروائي ڪري ڏھرڪي ۾ ھنڱورجا کان ٻاھر ڪڻڪ منتقل ڪڻندڙ 2 ٽرالر سوگھا ڪري 800 ڪڻڪ جون ٻوريون برآمد ڪري ورتيون، فوڊ انسپيڪٽر علي نواز ميمڻ جو چوڻ آهي ته مورو باءِ پاس تي ڪارروائي دوران پڪڙيل ٽرالر مورو گودام تي آڻي ڪڻڪ لاھي ضبط ڪئي وئي آهي، هن جو چوڻ آهي ته واپاري ۽ آبادگار ملي ڀڳت ڪري منع ھجڻ باوجود ڪڻڪ ٻاھر منتقل ڪري رھيا آھن، مليل ٽارگيٽ پورو ٿيڻ تائين ڪارروايون جاري رھنديون، ڪير به ڪڻڪ ٻاھر نه ٿو کڻي وڃي سگھي.