قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد ۾ ايس يو پي  چونڊ مھم شروع ڪري ڇڏي آھي ان حوالي سان   يوسي ٺٽ ۾ ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ سيد زين شاھه ۽ سيد انور علي شاھه ڪارنر گڏجاڻي  ڪئي جنھن ۾  ڳوٺاڻن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان دوران گڏجاڻي ۾ موجود ڳوٺاڻن ايس يو پي پاران نامزد اميدوارن جي  ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته مڪاني  ادارن جي چونڊ ۾ پ پ  اميدوارن کي شڪست ملندي.