حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد ۾ پراپرٽيز ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چونڊن جون سرگرميون تيز ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ پراپرٽيز ڊيلرز ايسوسيئيشن جي ميمبرن جي هڪ گڏجاڻي قاسم آباد جي نقاش ولاز ۾ ٿي جنهن ۾ يوٿ ڪنگ پئنل طرفان نامزد اميدوارن ماجد مهيسر، زين جتوئي، اسد ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن ٻڌايو ته قاسم آباد ۾ پراپرٽيز ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چونڊ 7 سالن کانپوءِ ٿي رهي آهي جنهن لاءِ سرگرميون تيز ڪيون ويون آهن. هنن ٻڌايو ته قاسم آباد ۾ وڏي عرصي کان پراپرٽيز جي نالي تي جعلسازي ٿي رهي آھي. نئين چونڊجي ايندڙ باڊي اوليت جي بنياد تي پراپرٽيز ڊيلرز جا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي.