اڳڙا (ن پ ا) سنڌ جي ناليوارو اديب ۽ سچل شناس محقق استاد خادم حسين عباسي کي صوفي شاعر نانڪ يوسف جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري. تفصيل موجب سچل شناس محقق استاد خادم حسين عباسي کي سندس وصيت مطابق درگاھ نانڪ يوسف جي پيرانديءَ کان دفنايو ويو. جنازي نماز ۾ خواجه فضل الحق فاروقي، بخت علي سيال، ميان فدا حسين عباسي،  ڊاڪٽر مشتاق ڦل، لالڻ چنو، نياز ملاح، انعام شاه ٻيلهاڙوي، علي حيدر کهڙو، اطهر کهڙو، نذير سروهي، گوهر شيخ، ڊاڪٽر يارمحمد مرکنڊ، مرتضيٰ شيخ، استاد ثناءُ الله جکڙ، استاد سوڍل ڪوري سميت مرحوم جي وارثن، دوستن، شاگردن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي ڳوٺ فقير نانڪ يوسف ۾ مرحوم جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.