ڪڪڙ  (ن پ ا)ڪڪڙ ۾ بدامني خلاف ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا. ڳوٺ ٻيلو پتڻ جي رھواسين ۽ سماجي ڪارڪنن پاران عرفان حمزه جويو نديم جويو سعيد جانوري ماجد ڪولاچي نعيم ساند ياسين ملاح سميت ٻين رھواسين ٿرڙي جادوشھيد ٿاڻي جي حد علائقي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج ڪيو ويو. عرفان جويو نديم جويو چيو آھي ته علائقي اندر چورن تر تپائي ڇڏيو آھي ڦرون چوريون ڌاڙا سميت مختلف ڏوھن جو ن وارداتون روز جو معمول بڻيل آھن مسجدون امام بارگاھون گھر دڪان چورين ٿيڻ کان غير محفوظ آھن علائقي واسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آھن پوليس ڪوب ٻوٽو ن ٻاريو آھي سماجي ڪارڪن نوجوان عرفان جويو جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل سميت مختلف ڏوھن جون وارداتون ٿرڙي جادو شھيد پوليس واپس ڪرائڻ ۽ امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي ڏوھاري سري عام گھمن ٿا جن کي چوڻ لاء تيارئي ناھي پوليس ساڻس ٻٽ بڻيل آھي اسين آء جي سنڌ ايس ايس پي دادو سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي بدامني جي واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي چوري ٿيل موٽر سائيڪل مون سميت مختلف ڏوھن جون وارداتون واپس ڪري ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.