قائم علي شاھ خلاف زمين الاٽمينٽ ڪيس: عدالت طرفان نيب پراسيڪيوٽر سکر مٿان ڪاوڙ جو اظھار

0
555

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان قائم علي شاهه خلاف زمين الاٽمينٽ ڪيس ۾ نيب پراسيڪيوٽر سکر مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي، نڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه خلاف زمين الاٽمينٽ ڪيس ۾ نيب پراسيڪيوٽر سکر مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار، عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن نيب قائم علي شاهه کي گرفتار نٿو ڪرڻ گهري ۽ حتمي ريفرنس به داخل نٿو ڪري ته پوءِ ڪيس اڪلائي ٿا ڇڏيون، نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته قائم علي شاهه ۽ ٻين خلاف ضمني ريفرنس لاءِ انڪوائري جاري آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته جاچ آفيسر ڪٿي آهي، فون ڪري معلوم ڪيو، ڪيس اڄ ئي اڪلائينداسين.