اي وي ايم ذريعي ايندڙ عام چونڊون ڪرائڻ خلاف درخواست داخل

0
195
جاچ ادارن موجب عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اي وي ايم ذريعي ايندڙ عام چونڊون ڪرائڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ايندڙ عام چونڊون ڪرائڻ خلاف درخواست ٻُڌڻ جوڳي هُجڻ يا نه هُجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس اطهر من الله درخواستگذار سان مخاطب ٿيندي چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ لاءِ قانونسازي نه ٿي آهي، اڃا اُن تي بحث ٿي رهيو آهي، ڇا اِها درخواست وقت کان اڳ ناهي؟،درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن جي اٿارٽي تي حاوي ٿيڻ چاهي ٿي.