في الحال اِهو چوڻ درست ناهي ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري چڪو آهي: اسحاق ڊار

0
142
اسحاق ڊار ملڪ جي سياسي صورتحال سبب آمريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو
اسحاق ڊار ملڪ جي سياسي صورتحال سبب آمريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته في الحال اِهو چوڻ درست ناهي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري چڪو آهي، نه وري ملڪ ڊيفالٽ ڪندو

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته موجوده حڪومت گذريل سال اپريل ۾ اِهو اصولي فيصلو ڪيو هو ته رياست کي بچائڻو آهي يا سياست کي، عمران خان پاڪستان کي ٻوڙي چڪو هو، پاڪستان تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو هو، جنهن تي مون مضمون به لکيا هئا

اسحاق ڊار چيو ته حڪومت ۾ اچڻ جو فيصلو درست ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو هو ۽ ڪجهه ماڻهن ته اِهو پئي چيو ته اوهان حڪومت ۾ اچي غلطي ڪري ڇڏي ڇو جو عمران خان اِن تباهي سان پاڻ ئي ڪري پَوي ها، پر عمران خان سان گڏ پاڪستان به ڪري پَوي ها

ناڻي واري وزير چيو ته عمران خان کي آڻڻ وارن چيو هو ته جيڪڏهن هيءَ رهي ها ته ملڪ خطري کان خالي نه هو، ڇاڪاڻ ته عمران خان ملڪ لاءِ ڪجهه ڪيو ئي نه هو

اسحاق ڊار چيو ته عمران خان کي آڻڻ وارا چئي رهيا  هئا ته پاڪستان ٽٽي ويندو، انهن ماڻهن کي ڏسڻ گهرجي ته عالمي صورتحال ڇا آهي ۽ ڇا مهانگائي رڳو پاڪستان ۾ آهي يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ به اِها صورتحال آهي

اسحاق ڊار چيو ته ناقص حڪمراني جي ڪري اڄ پاڪستان جي اهڙي صورتحال آهي، اُهي ماڻهو وساري ويٺا آهن ته پي ڊي ايم جي حڪومت ايندي ئي ٻوڏ اچي وئي هئي، جنهن جي تباهي سان پاڪستان پاڪستان 30 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪيو

اسحاق ڊار چيو ته هن وت اسٽيٽ بينڪ وٽ 3.2 ارب ڊالرز جا مٽا سٽا جا ذخيرا موجود آهن، جڏهن ته ڪمرشل بينڪن وٽ 5.44 ارب ڊالرز جا ذخيرا آهن، مجموعي طور تي پاڪستان وٽ 9.26 ارب رپين جا ذخيرا موجود آهن

ناڻي واري وزير چيو ته ڪاش پنج سال اڳ منهنجي ڳالهه مڃي وٺن ها ته ايڏو نقصان نه ٿئي ها، مان چوندو هئس ته اسان کي ايترو خرچ ڪرڻ گهرجي، جيترو پاڪستان برداشت ڪري سگهي، پر منهنجي ڳالهه نه ٻڌي وئي

هن کي به پڙهندا

لڳي ٿو آرمي چيف مونکي پنهنجو دشمن سمجهي رهيو آهي، جن کي منهنجي حفاظت ڪرڻي آهي، اُنهن مان ئي خطرو آهي: عمران خان

ٽن وڏن جي اهم ملاقات: اليڪشن جي اعلان کانپوءِ واري صورتحال تي مشاورت

صدر پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 30 اپريل جي تاريخ ڏئي ڇڏي

فرح گوگي جا وارنٽ جاري: گرفتار ڪري پاڪستان آڻڻ جو فيصلو