فيض گنج ويجهو قديمي آثار ليلان جي آتڻ تي قبضي واري مامري جو گمس جي ڊاڪٽر سميت ٽن سڄاتلن ۽ 5 اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، آرڪيلاجي کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام حسن بڙدي جي فرياد تي داخل ايف آءِ آر ۾ گمس گمبٽ جي ڊاڪٽر صفدر آرائين سندس ڀاءَ ڊاڪٽر اعجاز آرائين، تصدق حسين ۽ 5 اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن هٿيارن جي زور تي قديمي آثارن ليلان جي آتڻ جي 32 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري بلڊوز ڪري قديمي آثارن کي نقصان ڏنو آهي، واضح رهي ته قديمي آثار ليلان جي آتڻ تي ٿيل قبضن خلاف سياسي سماجي توڙي سڄاڻ ڌرين پاران احتجاج پڻ ڪيو ويو هو جنهن بعد ڪيس داخل ٿيو آهي.