فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج جي سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر فدا حسين لاشاري ۽ سندس ڀائرن کان 15 لک رپيا ڀنگ طلب، رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل جون ڌمڪيون،   جوابدار خلاف ڪيس داخل، ڊاڪٽر کي مليل ڌمڪين خلاف ڊاڪٽرن ۽ ماتحت عملي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال تالا هڻي ڇڏيا، اسپتال پهتل مريض پريشان. خبر موجب فيض گنج جي سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر فداحسين لاشاري ۽ سندس ڀائر ديدار لاشاري کي مبينا طور تي ڀتي لاءِ جوابدار پيار علي لاشاري پاران ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. ڀتو نه جي صورت ۾ خاندان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي. اهڙي عمل خلاف گذريل ڏينهن سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر فدا حسين لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته علائقي جي بااثر شخصيت جو بورچي پيار علي لاشاري  مون کان ۽ منهنجي ڀائرن کان 15 لک رپيا ڀتو طلب ڪري رهيو آهي، رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ خاندان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. جوابدار موبائيل فون ذريعي ٽيڪسٽ مسيج ڪري ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾  مون کي ڀائرن سميت قتل ڪري لاش روڊ تي ڦٽا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. هن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن فيض گنج پوليس ڊاڪٽر جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.