جھول (ن پ ا) هڪ ڏينهن اڳ  جھول شهر مان کنڀيل اڳوڻي يوسي چيئرمين امير علي ڪيريو جو ڏس پتو نه  پئجي سگهيو، ان ڏس ۾  جھول شهر ۾  پوليس خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ٻي طرف کنڀيل امير علي ڪيريو مٿان جھول ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته امير علي نشي ۾ ڌت ٿي هڪ پوليس اهلڪار کي ڪار جو ٽڪر هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ جھول ٿاڻي تي اڳوڻي يوسي چيئرمين جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هڻنڙ 18 ڄڻن خلاف پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.