ميروخان (رپورٽ :صفر گوپانگ ) ميروخان جي عيد گاھ پاڙي مان 2 مهينا اڳ لاپتا ٿيل حافظ قرآن نينگر فضل الرحمان بکراڻي گهر پهچي ويو آهي. فضل الرحمان بکراڻي صحافين کي ٻڌايو ته موبائل وٺڻ لاءِ گهران 20 هزار کڻي لاڙڪاڻي ويس، 8 هزارن ۾ استعمال ٿيل موبائل خريد ڪرڻ بعد نئون ديرو روڊ تي هڪ باغ ۾ ويهي موبائل هلائي رهيو هيس ته گهوڙو سانگي نالي همراهه موبائل ۽ پئسا ڦري اغوا ڪري بلاول ڀٽو جي جڳهه تي وٺي وڃي قيد ۾ رکيو.نينگر ٻڌايو ته جوابدار گهوڙو سانگي، ساٿي بلاول ڀٽو ۽ غلام علي چانڊيو مارڪٽ ڪري چوندا هئا ته  توکي مارينداسين يا وڪرو ڪنداسين. فضل الرحمان بکراڻي وڌيڪ ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ گهوڙو سانگي ۽ بلاول ڀٽو هڪ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ گاڏي تي کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ پيشاب ڪرڻ لاءِ لٿا ته  وجهه وٺي ڀڄي سکر پهتس.چاچي ڌڻي بخش بکراڻي سان ڳالهايو جيڪو سکر کان ڳوٺ همايون شريف کڻي ويو ۽ اتان پيءُ ميروخان پنهنجي گهر وٺي آيو آهي.پوليس موجب فضل الرحمان کان ڦر ڪيل موبائل کي ٽريس ڪري غلام علي چانڊيو کي گرفتار ڪيو. پوليس پريشر ۽ ڇاپي جي ڊپ کان نينگر کي ڇڏيو ويو.