اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ بڇاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف بلوچستان صوبي مان لاش ملڻ ۽ بلوچستان جي ٻين مسئلن جي حل لاءِ ٽرٿ ۽ ري ڪنسيليشن ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪندي اهو مامرو وفاقي ڪابينا ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ملتان جي اسپتال مان مليل لاشن جي حڪومتي وزيرن ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي صدارت ۾ ٿيو ته اجلاس ۾ رڳو 442 ميمبرن مان 18 ميمبر موجود هئا، پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل خالي ايوان جي صورتحال تي تنقيد ڪندي چيو ته اسان ديوارن ۽ ڇتين سان مخاطب ٿيون ته اهو ٺيڪ هوندو، بلوچستان ۽ ملتان مان لاشن جا ڍير لڳا پيا آهن، هن ملڪ ۾ حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهيون آهن، جن ۾ جمهوري حڪومتون به رهيون ته غير جمهوري حڪومتون به پر بلوچستان جون حالتون ڇو تبديل نه ٿي رهيون آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته بلوچستان کي هلائڻ واريون حڪومتون نه پر اهي قوتون آهن جن پهرين ڏينهن کان بلوچستان کي پنهنجي ڪالوني سمجهي رکيو آهي، وسيم تابش هڪ شاگرد هو، جنهن لاپتا ماڻهن بابت شعر لکيو، هن ملڪ ۾ شاعري ڪرڻ به جرم آهي، لکڻ، ڳالهائڻ به جرم آهي،  جيڪو لکي ٿو ۽ ڳالهائي ٿو ان کي کنڀيو وڃي ٿو، پاڪستان جو ڪٿي نالو تبديل ڪري غائبستان  ته رکڻ نه ٿا چاهيو، خبر ناهي ته قوتون ڇا ٿيون چاهين، اسان ان طرف نه ٿا وڃڻ چاهيون جنهن طرف اسان کي ڌڪيو پيو وڃي، اسان کي ان طرف نه ڌڪيو وڃي، اگر ان طرف هليا وياسين ته واپس اچڻ جي اميد نه رکي وڃي، بلوچستان جا اڪثر نوجوان پوائنٽ آف نو رٽرن تي پهچي چڪا آهن، جنهن نفرت کي جنم ڏنو پيو وڃي  ان کي ڪا به طاقت ختم نه ٿي ڪري سگهي، بلوچستان ۾ ائين نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي جيئن 70 جي ڏهاڪي ۾ بنگلاديش ۾ ڪيو ويو هو، ان تاريخ کي ورجايو پيو وڃي، اسان بنگالين وانگر طاقتور نه آهيون، اسان جو تعداد به اوترو ناهي، اسان ڳالهايون ٿا ته چيو وڃي ٿو ته توهان ادارن بابت ڳالهايو ٿا پوءِ اسان ڪنهن لاءِ ڳالهايون؟ توهان ۾ دهشتگردن جو پيڇو ڪرڻ جي جرئت ناهي، توهان جا هٿ معصوم ماڻهن جي خون سان رڱيل آهن، ملتان جي اسپتال ۾ لاش ڳجهن حوالي ڪيا ويا، ملڪ جي ايڏي وڏي زمين آهي انهن کي ڪٿي دفنايو ئي وڃي، انهن لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي وڃي، بلوچستان جي مامرن کي حل ڪرڻو آهي ته سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، بلوچستان ۾ جعلي مقابلن کي روڪيو وڃي، اگر اسان جي ترجيحن ۾ چونڊ سليڪشن ۽ ايڪسٽينشن آهي پوءِ انهن مامرن کي رهڻ ڏنو وڃي، بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته اختر مينگل جيڪو چيو ان مامري تي رڳو تقريرون نه ٿيڻ گهرجن، بلوچستان جي مسئلي تي ٽرٿ ۽ ري ڪنسيليشن ڪميشن ٺهڻ گهرجي، ان ڪميشن جو سربراهه بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڪنهن جج کي مقرر ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته مان اهو مامرو وفاقي ڪابينا ۾ به اٿاريندس، نشتر اسپتال مان مليل لاش اسان کي شرمسار ڪري رهيا آهن، جن جا لاش مليا اهي ڪير هئا، پنجاب حڪومت کي اپيل آهي ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڊي اين اي ڪرائي وڃي ته جيئن انهن جي وارثن کي ڳولي سگهجي، انساني حقن جي وفاقي وزير رياض پيرزاده چيو ته ملڪ جي حالتن کان اسان وڌيڪ منهن موڙي نٿا سگهون، هن اختر مينگل جي تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته شڪر آهي ته ايوان ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جهڙن ماڻهن کي 1993ع ۾ اسيمبلي ۾ ڏسندو هئس، انساني حقن جي حوالي سان اسان کي عالمي سطح تي تنقيد برداشت ڪرڻي پوي ٿي، پاڪستان جا ادارا، عدليه، فوج اسان جو تحفظ نه ڪري سگهي، غير ملڪي مداخلت لاءِ جنهن طرح اسان استعمال ٿياسين ۽ جنهن طريقي سان پارليامينٽ ۾ سليڪٽيڊ ماڻهو آندا ويا ۽ توسيع جي چڪر ۾ ملڪ سان راند رچائي وئي، موسمي تبديلي جي وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته نٿا چاهيون ته سوات ۾ ٻيهر  دهشتگردي جي لهر اڀري، بلوچستان ۾ اسان کي مصالحت طرف وڃڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي حقيقي قيادت جي ڳالهه ضرور ٻڌڻ گهرجي، مصالحتي عمل جو آغاز ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ اسان کي تلخ حقيقتون به ٻڌڻيون پونديون،جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته عام ماڻهن لاءِ انصاف ڪٿي آهي، سياسي اڳواڻن لاءِ رات جو 12 وڳي عدالتون کلن ٿيون، هن وقت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۾ ويڙهه هلي رهي آهي ۽ بار بار چيو پيو وڃي ته 26 ڪلوميٽرن اندر وفاقي حڪومت جو دائرو آهي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي ته اهو ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو، وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو ته جيستائين هتي عوامي نمائندن کي برداشت نه ڪيو ويندو، مسئلا پيدا ٿيندا رهندا، 73ع جي آئين تي عمل ڪيو وڃي ته 90 سيڪڙو مسئلا ۽ محروميون ختم ٿي وينديون پر جن ماڻهن کي جهولي ۾ وٺي پالي جوان ڪيو وڃي ٿو انهن جي جوان ٿيڻ بعد نالو ورتو وڃي ٿو ته هي الطاف حسين آهي، هي 70 سالن جي عمر جو ٻار آهي، ڇا چوڪن ۽ چوراهن تي ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، هڪ شخص چوڪن تي بيهي چوي ٿو ته بند ڪمرن ۾ جج ۽ جرنيل فيصلا ڪندا آهن ان کان ڪنهن پڇيوآهي ته هو اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪري، محسن داوڙ چيو ته ملتان جي اسپتال مان ماڻهن جا لاش مليا، سوشل ميڊيا تي وڌيڪ 20 لاش ملڻ جون اڄ خبرون هلي رهيون آهن، ڏهه پندرنهن سان اڳ چيو ويو هو ته دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون پر هاڻي چيو پيو وڃي ته اهي پنهنجا ٻچا آهن، افغانستان تي طالبان جي حڪومت تي ان وقت جي وزيراعظم ان عمل کي غلامي کان آزادي قرار ڏنو هو، اسان افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ مهل به خدشو ظاهر ڪيو هو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيندو، هاڻي سموري خيبر پختون خوا ۾ دهشتگردي ڦهلجندي پئي وڃي، اتي هڪ وزير کي يرغمال بڻايو ويو، جنهن کي مذاڪرات کان پوءِ ڇڏرايو ويو، اهڙي عمل سان خوف جي فضا قائم ٿئي ٿي.