اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سپريم ڪورٽ ريڪوڊڪ صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس عمر عطابنديال صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي لاءِ پنج رڪني لارجر بئنچ جوڙي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾  ريڪوڊڪ صدارتي ريفرنس تي 25 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ٿيندي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال لارجر بئنچ جو سربراهه هوندو، جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحييٰ آفريدي  ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل بئنچ ۾ شامل آهن. وفاقي حڪومت ريڪوڊڪ ريفرنس جي منظوري ڏني هئي جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي سفارش تي صدر عارف علوي ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانهن اُماڻيو هو.