ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافين دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جون اسٽيبلشمنٽ سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن، عمران اسٽيبلشمنٽ سان ويڙهه لاءِ نواز شريف سان ٺاهه ڪرڻ جو پيغام اماڻيو پر نواز شريف انڪار ڪري ڇڏيو. سينئر صحافي حامد مير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون آهن. بيڪ ڊور چينل به خاموش ٿي ويو آهي. ٻئي طرف سينئر صحافي سليم صافي نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ چيو ته عمران خان نواز شريف ڏانهن هڪ شخص وسيلي پيغام اماڻيو هو، آصف زرداي ڏانهن به پر کيس ڪو هاڪاري جواب نه مليو. هن چيو ته پيغام اماڻيو ويو ته اچو ته اسٽيبلشمنٽ خلاف گڏجون ۽ اتحاد ڪريون ته جيئن گڏجي انهن جو مقابلو ڪجي پر نواز شريف چيو ته عمران سان ڳالهيون ڪرڻ ئي نه ٿو چاهيان. هن چيو ته حڪومت عمران خان کان بيلڪ ميل نه ٿيندي.