ڪراچي(م ڊ) فواد چوڌري ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۾ اختلاف سامهون اچڻ لڳا، هڪ انٽرويو ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا کان پڇيو ويو ته ڇا فواد چوڌري جا سخت بيان فوج ۽ عمران خان ۾ اختلاف وڌائڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. جنهن تي فيصل واوڊا چيو ته فواد جهڙن ماڻهن کي ته آئون پاڻ ڏسي وٺندس، هن وقت آئون پنهنجي چيئرمين سان گڏ جدوجهد ۾ مصروف آهيان.