اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ فارن ايڪسچينج ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ايف آءِ اي کي خط لکيو آهي، عمران خان خط پنهنجي وڪيل سلمان صفدر ذريعي موڪليو، لکت ۾ موجود بيان ۾ ايف آءِ اي کي استدعا ڪئي وئي آهي ته هو فارن ايڪسچينج ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو، خط ۾ اهو به چيو ويو ته آخري ڀيرو جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪري رهيو آهيان، ايف آءِ اي کي ٽئي ڀيرا اڳ به لکي چڪو آهيان، جنهن ۾ وڊيو لنڪ تي موجودگي يا وري اچي ڪري جاچ ڪرڻ جو چيو هو، خط ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي جتي چاهي ڪيس جي حوالي سان سوالنامو موڪلي ڏئي، بظاهر لڳي ٿو ته ايف آءِ اي موجوده حڪومت جي اثر هيٺ آهي.