اسلام آباد(بيورورپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي جسٽس اعجازالاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جوڙي ڇڏي آهي. درخواستن تي ٻڌڻي 3 مارچ تي ٿيندي. جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي کي به بينچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. درخواست تي اٽارني جنرل ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.