لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا سونيا حسين انڪشاف ڪندي چيو آهي ته 2 سال گذري ويا آهن پر فلم ٽچ بٽڻ جو چيڪ اڃا تائين ناهي مليو. اداڪارا سونيا حسين هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جٿي هڪ راند کيڏي وئي جنهن تحت سونيا حسين کان سوال ڪيو ويو ته فلم انڊسٽري جي حوالي سان ڪنهن راز تان پردو کڻو جنهن جو جواب ڏيندي سونيا حسين ٻڌايو ته مون کي فلم ٽچ بٽڻ جو چيڪ اڃا تائين ناهي مليو جيتوڻيڪ فلم جي شوٽنگ مڪمل ڪري ڇڏي آهي پر 2 سال گذري ويا آهن معاوضو نه پيو ڏنو وڃي.