پيرس(اسپورٽس نيوز) فرنچ اوپن جي ڪوارٽر فائنل ۾ اسٽيافانو ٽي سٽسي پاس ۽ اليگزينڊر زيوررو ڪامياب ٿي ويا. فرانس ۾ جاري ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ اسٽيفنانو ٽي سٽسي پاس جو مقابلو ورلڊ نمبر 2 ڊينيل ميڊاڊيو سان ٿيو، ٽي سٽسي پاس شروع ۾ ئي ميچ پنهنجي حق ۾ ڪري ورتي ۽ ميڊواڊيو کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏني. ٽي سٽسي وٽ لاڳيتو ٻيو ڀيرو فرنچ اوپن جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ جرمني جي اليگزينڊر زيورو اسپين جي ڊيوڊ فوڪينا کي 4-6، 1-6 ۽ 1-6 تان شڪست ڏئي