ٽنڊو آدم/شهدادپور/،قصودو رند (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري، وسيلن تي قبضا، مهانگائي ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ عوامي تحريڪ پاران شروع ڪيل وصل مارچ  لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ستار رند، شمشاد لغاري، پريمي ڀيل، علي نواز ڏاهري،  راڻو ڪنڊاڻي، عالم لغاري، غلام علي زئنور، ڦوٽو لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو آدم، شهدادپور، مقصودو رند، چودڳي ۽ ٻين هنڌن تي پهتو، جتي شاندار آجيان ڪئي وئي، قافلي ۾ وڏي انگ ۾ عورتون پڻ شامل هيون، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي حڪمران مال غنيمت سمجهي ڦري ۽ لٽي رهيا آهن، انتهائي شرمناڪ ڳالهه آهي ته هن جمهوري دور ۾ سنڌ اسيمبلي ون يونٽ جي ڪاري دور واريون ملڪ دشمن قراردارون پاس ڪري تيل، ڪوئلو، گئس سميت سنڌ جا سمورا معدني وسيلا ۽ اختيار وفاق کي لکي ڏئي ڇڏيا آهن، هنن چيو ته اهڙو عمل 18 هين آئيني ترميم جو خاتمو ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو آهي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي ۽ ڪوهستان جون لکين ايڪڙ زمينون بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد، ڊي ايچ اي ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن حوالي ڪيون ويون آهن، جن ۾ هڪ سازش تحت ڌاريا آباد ڪري سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، اڳواڻن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهيو پيو وڃي.