حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ٽائون ڪاميٽي نيو سعيد آباد ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ پنهنجا نواز پاليسي تحت پروموشن ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي کيس 31 جنوري تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. شهيد بينظير ڀٽو نيو سعيد آباد لائبريري جي انچارج نظير الدين ملاح وڪيل معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ڪيتري ئي عرصي کان ملازمن جي پگهارن مان 10 کان 15 هزار رپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته اپريل 2022ع دوران 186 ملازمن جي پگهارن لاءِ آيل 60 لک رپيا پڻ غائب ڪيا ويا. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس نديم اختر ميمڻ ۽ جسٽس محمد ڪريم آغا تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا ڪافي عرصي کان ملازمن جا پروموشن ناهن ڪيا جڏهن ته من پسند ملازمن کي ترقين سان نوازيو پيو وڃي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي سي مٽياري ۽ ايڊمنسٽريٽر نيو سعيد آباد کي به نوٽيس جاري ڪندي کين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.