عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ڇور روڊ تي موجود وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ اکيراج جي واٽر سپلاءِ اسڪيم گذريل ھڪ سال کان مڪمل طور بند پيل آھي، جڏھن ته ڪروڙين رپين جي لاڳت جو منظور ٿيل مرمتي ڪم پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي سبب ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي ڏنو آھي، جنهن ڪري ھڪ سال کان اسڪيم کي تالا لڳل آھن، 5 ھزار گھرن جي آبادي رکندڙ تاريخي ڳوٺ اکيراج جا رھواسي گذريل ھڪ سال کان پيئڻ جي مٺي پاڻي جي سھولت کان محروم آھن، ھاڻوڪي ٻوڏ دوران پاڻي جا ٻئي تلاءُ خراب ۽ گندي پاڻي سان ڀرجي ويا ھئا، جيڪي پڻ 6 مھينا گذرڻ باوجود صاف ناهن ڪرايا ويا، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي ڦوٽو خان بجير ٻڌايو ته ھڪ سال کان پاڻي نٿو ملي، پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھيون، رابطو ڪرڻ تي پبلڪ ھيلٿ عملدار راشد رند ٻڌايو ته ٻوڏ سبب اسڪيمن جا فنڊز بلاڪ آھن، جيڪي اڃا تائين جاري نه ٿيا آھن، جيئن ئي فنڊ ملندا ته اسڪيم جو رھيل اڌورو ڪم مڪمل ڪرايو ويندو.