نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ سياسي سماجي ڌرين نجما، وزيران، شريفان، فاطما، عائشا، نورجهان، ڪزبانو، زينت، گلفام، گلشير، آصف علي، محرم علي، صدام حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته ضلعي نوشهروفيروز جي 12 سئو 11 ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سنڌ حڪومت پاران 2015 جي انڪريمينٽ واري رقم 14 ڪروڙ رپيا جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ في ليڊي هيلٿ ورڪر کي 58 هزارن جي لڳ ڀڳ رقم هئي، رقم وصولي لاءِ پروگرام جي اڪائونٽنٽ اظهر عباس منهاس في ليڊي هيلٿ ورڪر کان 13 هزارن کان 15 هزارن تائين ٽوٽل هڪ ڪروڙ 50 لک جي لڳ ڀڳ رقم وصول ڪري غائب ٿي ويو آهي، هنن چيو ته ٽريزري آفيس نوشهروفيروز جي آڊيٽر انيس سيهڙ ڪميشن جا پيسا صحيح نه ملڻ جو جواز ڄاڻائي رڳو 5 سئو 48 ليڊي هيلٿ ورڪرز جي اڪائونٽس ۾ انڪريمينٽ واري رقم موڪلي جڏهن ته باقي 6 سئو 63 ليڊي هيلٿ ورڪرز ان رقم کان محروم آهن، هنن چيو ته اڪائونٽنٽ اظهر عباس منهاس مسئلو حل ڪرائڻ بجاءِ غائب ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڦٻايل رقم واپس ڏياري وڃي.