رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ ڀرسان ٽن ڳوٺن جي رهواسين ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، يوسي ڪمالديرو جي ڳوٺ سمڻو سدا رنگ اڄڻ، قادر بخش اڄڻ ۽ عطا محمد اڄڻ واسين پوليو ٽيم کي احتجاج طور واپس موٽائي ڇڏيو. اسڪول عمارت ۽ ڳوٺن کي بنيادي سھولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو. خبر موجب رپڙي ڀرسان ڳوٺ سمڻو سدا رنگ اڄڻ، قادر بخش اڄڻ ۽ عطا محمد اڄڻ جي ڳوٺاڻن ڪريم بخش اڄڻ، عبدالحميد اڄڻ، حاجي خان، غلام الله اڄڻ ۽ ٻين يوسي ڪمالديرو جي پوليو ورڪرز کي احتجاج طور واپس موٽائيندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي عمارت برساتن ۾ ۾ ڊهي پئي. فرنيچر ۽ عمارت نه هجڻ سبب شاگرد پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. برساتن بعد انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن ڪا به سار نه لڌي آهي. هنن واضح ڪيو ته مطالبن جي مڃتا تائين پوليو مهم جو بائيڪاٽ جاري رھندو.