عمرڪوٽ(رپورٽر) 22هون آل سنڌ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو پنجون رائونڊ ميچ المھراڻ وائيٽ عمرڪوٽ ۽ ايڪٽو ڪينولا حيدرآباد جي وچ ۾ ٿي گذريو، المھراڻ وائيٽ عمرڪوٽ ٽاس کٽي ايڪٽو ڪينولا حيدرآباد کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جڏهن ته ايڪٽو ڪينولا حيدرآباد پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 25 اوورن ۾ 204 رنز جو هدف ڏنو. حسنين 39 رنز ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته المھراڻ وائيٽ عمرڪوٽ طرفان بالرن دليپ ڪمار ۽ منور علي 3-3 وڪيٽون ورتيون، 204 رنز جي ھدف پٺيان المھراڻ وائيٽ عمرڪوٽ 16 اوورن ۾ صرف 80 رنز ٺاهي پوري ٽيم آل آئوٽ ٿي وئي. جڏهن ته اڄ ڇھون رائونڊ ميچ ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ ۽ آغا شاھد ڪرڪيٽ ڪلب حيدرآباد جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.