ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جي گهر واري ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا پنهنجي رٽائرمينٽ جو پلان ٻڌائي ڇڏيو آهي. ويمن ٽينس ايوسوسيئيشن جي ويب سائٽ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ثانيا مرزا چيو ته مان ايندڙ مهيني دبئي جي ايونٽ کانپوءِ رٽائر ٿي وينديس. هن چيو ته مان ڊبليو ٽي اي فائنلز کانپوءِ پنهنجو ڪيريئر ختم ڪرڻ چاهيان پئي. اسان ڊبليو ٽي اي جي فائنلز ۾ پهچي رهيا هئاسين پر انجري جو شڪار ٿي ويس. ثانيا مرزا جو چوڻ هو ته يو ايس اوپن سميت سمورن ايونٽس مان مونکي ٻاهر ٿيڻو پيو، مان پنهنجي مرضي موجب ڪم ڪندڙ عورت آهيان. ٽينس اسٽار وڌيڪ چيو ته مان نه پئي چاهيان ته انجري منهنجو ڪيريئر ختم ڪري ان لاءِ مان ٽريننگ جاري رکي، پلان اهو آهي ته مان هاڻي ڊبليو ٽي اي 1000 کيڏڻ جي ڪوشش ڪنديس ۽ دبئي ۾ رٽائر ٿي وينديس.