ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اداڪار فيروز خان عدالتي حڪم باوجود ٻارن سان ملي نه سگهيو، اوڀر جي فيملي ڪورٽ ۾ اداڪار فيروز خان ۽ سندس اڳوڻي زال عليزي وچ ۾ ٻارن جي حوالگي ۽ خرچ ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عليزي جي وڪيل ٻڌايو ته ٻار بيمار هجڻ ڪري پيش  ٿي نٿا سگهن، ٻارڙن جي بيماريءَ بابت فيروز خان کي به آگاهه ڪيو ويو هو، جنهن تي فيروز خان جي وڪيل چيو ته  فيروز خان کي به ٻارن جي ڳڻتي آهي، هو هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي، عدالت ٻارن جي بيماري بابت ميڊيڪل رپورٽ گهرندي ٻڌڻي 11 جنوريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.