لاهور (م ڊ) پنجاب ڪابينا جي معاملي تي پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم  عمران خان پنجاب ڪابينا کي مختصر رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ ق اهڙي فيصلي مان مطمئن نظر نٿي اچي.عمران خان چاهي ٿو ته ڪابينا ميمبرن جو انگ 20 کان وڌيڪ نه هجي جڏهن ته مسلم ليگ ق مختصر ڪابينا تي مطمئن ناهي. ق ليگ ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جو وڏي وزير وڌيڪ ميمبرن تي ٻڌل ڪابينا رکڻ چاهي ٿو ڇو ته گهٽ وزيرن سان ڪارڪردگي متاثر ٿي سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته راجا بشارت کي قانون واري وزارت ڏيڻ تي به تحريڪ انصاف کي خدشا آهن.