اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اليڪشن ڪميشن سامهون خميس ڏينهن 4آگسٽ تي چيف اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ساک ايتري ڪري چڪي آهي جو آمريڪي نائب پرڏيهي وزير کي آءِ ايم ايف کان قرض ڏيڻ لاءِ آرمي چيف کي فون ڪرڻو پيو، تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پي ٽي آءِ جي نيشنل ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي اهي ڏينهن ياد آهن ته اسان جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو جڏهن اجلاس ٿيندو هو ته مشڪل سان ان اجلاس ۾ 25 ماڻهو موجود هوندا هئا، ان اجلاس جي ميڊيا لاءِ تصوير ڪڍڻ چاهيندا هئاسين ته ملازمن کي اجلاس ۾ ويهارڻو پوندو هو ته جيئن لڳي ته پارٽي ۾ وڌيڪ ماڻهو آهن، ائين عورتن جي ميٽنگ ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ جون عورت اڳواڻ گهر جون عورت ملازم به وٺي اينديون هيون، اسان سامهون هڪ ئي پيپلز پارٽي هئي جيڪا هڪدم 4 سالن ۾ اقتدار ۾ اچي وئي، اها ان عمل مان نه گذري هئي جنهن مان اسان گذريا هئاسين، ٻه مک پارٽيون اسان سامهون سڪڙجي ويو، هڪ پارٽي سينٽرل پنجاب ۽ ٻي صرف اندرون سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي، اسان کي ان مان سکڻ گهرجي، پارٽي ميرٽ کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 1970ع جي چونڊن کان سواءِ ڪنهن به شڪست تسليم نه ڪئي، ان ڪري اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر ان کي سبوتاز ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نظام نه اچي، پنجاب ۾ 20 سيٽن تي ٿيل ضمني چونڊن ۾ اسان صرف اها ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ته ڌانڌلي ڪيئن روڪيون، اين جي او جي رپورٽ آهي چونڊ ڌانڌلين جا 163 ذريعا آهن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين اچي وڃي ته ان مان 130 ڌانڌلين جا طريقا ختم ٿي ويندا، عام چونڊن مان واندو ٿيڻ کان پوءِ پارٽي اندر ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي وڏي پيماني تي چونڊون ڪرائينداسين، هن چيو ته 1988ع کان ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي کي برو ڀلو چئي رهيون آهن، انهن ٻنهي هڪ ٻئي تي ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪيا، نواز شريف تي حديبيه پيپرز ملز ۽ مني لانڊرنگ جو ڪيس پيپلز پارٽي ٺاهيو، ائين سري محل ۽ آصف زرداري خلاف سوئيز بينڪ ۾ 6 ڪروڙ ڊالر جو ڪيس ن ليگ ٺاهيو، 2008ع ۾ ميثاق جمهوريت جي نالي تي ٻنهي پارٽين 10 سال ملڪ کي لٽيو، هنن جو چوڻ هو ته اسان جي حڪومت کي هي مهانگائي سبب ختم ڪرڻ چاهين ٿا، پر الله تعاليٰ سڄي قوم سامهون انهن جي مفادن جي سياست کي بينقاب ڪري ڇڏيو، هنن ماڻهن ساڍن 3 مهينن ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ان سان واضح آهي ته هنن جي معيشت ۽ مهانگائي جي مامري ۾ ڪا دلچسپي نه هئي، انهن جو مقصد اين آر هو، هنن اسيمبلي مان نيب قانون ۾ ترميمي بل منظور ڪرائي پنهنجي 11 سئو ارب رپين جي ڪرپشن معاف ڪرائي ڇڏي، جڏهن اسان جي حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي ته رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر 178 رپيا هئا، جيڪا هاڻي 250 رپين تائين پهچي وئي آهي، وياج جي شرح 11 سيڪڙو هئي اڄ ساڍا 15 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اهو سڀ خطرناڪ آهي هي اسان کي ڊفالٽ طرف وٺي وڃي رهيا آهن، اسان جي دور ۾ مهانگائي 17 سيڪڙو هئي، اڄ 38 سيڪڙو تي آهي، عدم اعتماد وقت مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 16.4 ارب  ڊالر هئا اڄ اڌ رهجي ويا آهن، پاڪستان انهن ملڪن جي لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي آهي جيڪي سريلنڪا کان پوءِ ڊفالٽ ڪرڻ وڃي رهيا آهن، عمران خان چيو ته اڄ آرمي چيف آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير کي فون ڪري رهيو آهي ته آءِ ايم ايف کي سفارش ڪري پيسا ڏياريو ته اوهان سوچيو ته ملڪ جون ڇا حالتون آهن، هن حڪومت جي ساک ايتري خراب آهي جو آرمي چيف کي فون ڪرڻ لاءِ چوڻو پئجي رهيو آهي، هنن ماڻهن ملڪ جي مستقبل جو به نه سوچيو، هن چيو ته هن ملڪ ۾ ان کي قيادت ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي جنهن جو سڀ ڪجهه پاڪستان ۾ نه هجي، پاڪستان جا وزيراعظم ۽ وزير ٿيڻ چاهين ٿا پر هنن جو پيسو ملڪ کان ٻاهر آهي، عمران خان چيو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبلين اليڪشن ڪميشن خلاف قراردادون منظور ڪيون آهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر تي ڪو اعتماد ناهي، جنهن جو مطلب آهي ته 80 سيڪڙو آبادي کي اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ناهي، اسان 4 آگسٽ تي اليڪشن ڪميشن سامهون پرامن احتجاج ڪنداسين ته جيئن چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏئي، ڪنهن به صورت ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي نگراني ۾ ايندڙ عام چونڊون نه ٿيڻ گهرجن، ملڪ جي موجوده حالتن جا اهي به ذميوار آهن جيڪي سازش کي روڪي پئي سگهيا، ملڪ کي ساڳئي صورتحال ۾ واپس آڻڻ ۾ خبر ناهي ڪيترو وقت لڳندو، هن چيو ته ماڻهو شهباز شريف کي ذهين سمجهنداهئا پر ان جي اصليت سامهون اچڻ ۾ گهڻي دير نه لڳي، هنن جي اصليت آهي ته هنن ملڪ ۾ ڪڏهن به سڌارا نه ڪيا آهن، هنن جي اربين رپين جي پراپرٽي آهي، پيسو ملڪ کان ٻاهر رکن ٿا، هڪ سنڌي سياستدان جي گهر مان خبر ناهي ڪيترو سون مليو، چوري جو پيسو هنڌ هيٺان نه ٿو رکي سگهجي، اهو ٻاهر موڪليو وڃي ٿو، هنن وڏن وڏن ڌاڙيلن جو جڏهن اجلاس ٿئي ٿو تڏهن هي کلي ۽ ڏند ڪڍي رهيا هوندا آهن، 30 سيڪڙو رپئي جي قدر گهٽجڻ سان هنن جا پرڏيهه ۾ پيسا 30 سيڪڙو وڌي وڃڻ سبب هنن کي فائدو ٿئي ٿو، ملڪ مان ڊالر ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ايمرجنسي لڳائڻ گهرجي، ايندڙ چونڊ ۾ 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت حاصل ڪنداسين، قومن لاءِ هي قرض لاهڻ ڪو مسئلو ناهي، هڪ ڪروڙ پاڪستاني مختلف ملڪن ۾ آهن، جڏهن انهن کي موبلائيز ڪيو ته قرض آساني سان لهي ويندو  آهي اهو تڏهن ٿيندو جڏهن  کين ملڪ تي ناز ٿيندو، اڄ کين ملڪ نظر نه ٿو اچي.