اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آرٽيڪل 245 ۽ پارٽي ورڪرز جي گرفتارين کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، عمران خان پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آرمي ايڪٽ تحت ڪورٽ مارشل واري قدم کي به چينلج ڪيو آهي، عمران خان ايڊووڪيٽ حامد خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ وفاقي حڪومت، نوازشريف، شهباز شريف، مريم نواز، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، نگران وزيراعليٰ پنجاب محسن نقوي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججز تي ٻڌل جڊيشل ڪميشن ٺاهي وڃي جڊيشل ڪميشن تعين ڪري ته واقعن جا اصل ذميوار ڪير آهن، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين کي غير آئيني قرار ڏئي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي جبري عليحدگي کي غيرآئيني قرار ڏئي، پي ٽي آءِ خلاف پروپيگنڊا ڪري دهشتگرد تنظيم جو ليبل هنيو پيو وڃي، استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 245 لاڳو ڪرڻ کي غيرآئيني قرار ڏئي، آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت سويلين جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل به غير آئيني قرار ڏنو وڃي. ٻئي پاسي ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ عمران خان چيو ته  پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ وارا ناڪام ٿي ويندا، مُلڪ جو باشعور نوجوان مون سان گڏ آهي، نوَ مئي جي واقعن کي جواز بڻائي پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نوَ مئي جي پُرتشدد واقعن جي سندس پارٽي جي سموري قيادت مذمت ڪرچُڪي آهي، پر ان باجود واقعن  کي جواز بڻائي پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن کان زبردستي پارٽي ڇڏرائي پئي وڃي ، ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا پيا وڃن. عمران خان چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون ۽ صحافي جيڪي آواز ناهن اُٿاري رهيا اهي ياد رکن ته هي تحريڪ انصاف کي نه پيو ٽوڙيو وڃي پر اهو اسان جي جهموريت ۽ آزادي تي راتاهو هنيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مخالفن جون غلام بڻائڻ واريون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون ڇو جو مُلڪ جو باشعور نوجوان مون سان گڏ آهي.