ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم) سنڌ ڪابينا  پرڳڻي ۾ استادن لاءِ لائسنس جاري ڪرڻ واري پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه ڪابينا اجلاس کي  تعليم واري وزير سيد سردار شاهه  ٻڌايو ته انٽرنيشنل ميٿميٽڪس ۽ سائنس اسٽڊيز جي ٽرينڊز ۾ 64 ملڪن ۾ پاڪستان 63 هين نمبر تي آهي، اسان تعليم ۾ بهتري  لاءِ استادن  بابت لائسنس پاليسي متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا، انهي لائسنس پاليسي جو مقصد استادن ۾ پيشوراڻه مهارت آڻڻ آهي، جن ملڪن استادن جا لائسنس متعارف ڪرايا، اهي تعليم ۾ اڳتي وڌي ويا آهن، هن چيو ته استادن جي لائسنس جا ٽي قسم پرائمري، ايلمينٽري ۽ سيڪنڊري هوندا، بي ايڊ پاس ڪندڙن کي ٽيسٽ ڏيڻ بعد ٽيچنگ لائسنس جاري ڪيو ويندو، اهو لائسنس 5سالن لاءِ هوندو، جنهن جي پنجن سالن بعد تجديد ٿيندي، هن چيو ته  لائسنس رکندڙ 700  جي ايس ٽيز کي 16هين گريڊ ۾ ڀرتي  ڪيو ويندو تعليمي بهتري لاءِ آغا خان، ڊربين، اسٽيڊا  ۽ ٻين ادارن جا ماهر پاليسي ٺاهيندا، انهي پاليسي تحت استادن جي ترقين لاءِ به ٽيچنگ لائسنس کي لازمي قرار ڏنو ويندو،هوڏانهن  صوبائي وزير  سردار شاهه اجلاس بعد ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته اڄ تعليمي سڌارن بابت تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي ، استادن جو شعبو هاڻي پروفيشن طور شامل ٿي ويو آهي