لاهور (م ڊ) جناح هائوس حملي جي جوابدارن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي شروع ٿي وئي آهي ۽ 16 شرپسند فوجي عدالتن حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پاران 16 شرپسندن خلاف وڌيڪ ڪارروائي فوجي عدالتن حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو،  ڪمانڊنگ آفيسر جي استدعا منظور ڪئي وئي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جناح هائوس کي باهيون ڏيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي لاءِ ڪمانڊنگ آفيسر 16 شرپسندن جي حراست گهري، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪمانڊنگ آفيسر جي استدعا منظور ڪري ورتي. عدالت اڳوڻي ايم پي اي ميان اڪرم سوڌو 16 ڄڻن کي ڪمانڊنگ آفيسر حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن ڪمانڊر جي درخواست تي اعتراض نه ڪيو ڪمانڊنگ آفيسر موجب جوابدار آفيشل سيڪريٽ تحت قصورورار آهن . فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جوابدارن خلاف آرمي ايڪٽ 1952 تحت ٽرائل به ٿي سگهي ٿو . جوابدارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي آرمي ايڪٽ تحت ڪئي ويندي. هوڏانهن جناح هائوس تي حملو ڪندڙن مان وڌيڪ 120 ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت جناح هائوس ۽ بين جاين تي ٿيل تشدد ڀرين واقعن بابت اسپيشل پراسيڪيوشن ٽيم جوڙي ورتيو آهي. ٽي رڪني اسپيشل پراسيڪيوشن ٽيم جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. قانوني ماهر فرهاد علي شاهه پراسيڪيوشن ٽيم ۾ شامل آهي،جڏهن ته خواجه وسيم ۽ عمران همايون به پراسيڪيوشن ٽيم جو حصو آهن. ٽيم 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ثبوت گڏ ڪري عدالتن ۾ پيش ڪندي.