عمران خان جي گرفتاري جو پلان: زمان پارڪ جو گهيراءُ: بڪتر بند گاڏيون پهتل: ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود

0
245

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس جي ٽيم لاهور پوليس جي ڳري نفري سان گڏ زمان پارڪ پهچي وئي آهي

پوليس جون بڪتر بند گاڏيون به زمان پارڪ پهچي ويون آهن، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي زمان پارڪ آمد جاري آهي

ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد شهزاد بخاري به عمران خان جي گرفتاري لاءِ زمان پارڪ پهچي ويو آهي ۽ اسلام آباد پوليس جي قيادت ڪري رهيو آهي

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر جي سمورن ٿاڻي جي نفري گڏ ڪئي پئي وڃي، اينٽي رائٽ يونٽ کي ڳوڙها آڻيندڙ شيل به فراهم ڪيا ويا آهن، هڪ هزار کان وڌيڪ نفري کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد شهزاد بخاري کان زمان پارڪ ۾ هڪ صحافي سوال ڪيو ته اوهان عمران خان کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪيڏانهن وٺي ويندا؟ شهزاد بخاري جواب ڏنو ته پهريان گرفتار ٿي وڃي پوءِ اوهان کي ٻڌائينداسين

هي به پڙهندا

عمران خان جا گرفتاري وارنٽ 16 مارچ تائين معطل