عمران خان جا گرفتاري وارنٽ 16 مارچ تائين معطل

0
135
عمران خان جا گرفتاري وارنٽ 16 مارچ تائين معطل
عمران خان جا گرفتاري وارنٽ 16 مارچ تائين معطل

اسلام آباد: عمران خان جا گرفتاري وارنٽ 16 مارچ تائين معطل، عورت جج کي ڌمڪي واري  ڪيس ۾ عمران خان جا  گرفتاري وارنٽ 16 مارچ تائين معطل ڪيا ويا آهن

ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل ٻڌايو ته عمران خان جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ٿيو، ان تي جج چيو ته عمران خان جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ٿيو پر ڪچهري ۾ ته پيش نه ٿيو نه، ڪچهري ۾ 2014 ۾ حملو ٿيو، ان کانپوءِ ڪچهري شفٽ ٿي؟

جج چيو ته عمران خان جي حڪومت هئي پوءِ به ڪچهري شفٽ نه ٿي، اوهان پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪچهري کي شفٽ نه ڪرايو، تحريڪ انصاف نالو ته آهي پر ڇا ڇا آهي، ڳالهيون ته وڏيون ٿينديون آهن

جج جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ڪو هڪ ليگل ريفارم ٻڌايو، ڪچهري ۾ عمران خان پهريون اچي چڪو آهي، ٻيهر به اچي سگهي ٿو، عمران خان کي ڪيس جي ڪاپي فراهم ڪرڻي هئي، ان جي ڪري عدالت گهرايو هو

وڪيل جي دليلن ۽ جج جي ريمارڪس بعد اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج  جي عدالت عمران خان جي  درخواست تي  وارنٽ معطل ڪيا، گذريل ڏينهن عدالت پيش نه  ٿيڻ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا هئا، عمران خان گرفتاري وارنٽ کي عدالت ۾ چئلنج ڪيو هو

هي به پڙهندا

لاهور: عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي: اهم اعلان جو امڪان