پوليس مونکي گرفتار ڪرڻ آئي آهي: عمران خان جو وڊيو بيان

0
197
عمران خان جو وڊيو بيان
پوليس مونکي گرفتار ڪرڻ آئي آهي: عمران خان جو وڊيو بيان

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي

وڊيو بيان ۾ عمران خان جو چوڻ آهي ته مان اوهان جي جنگ وڙهي رهيو آهيان، مونکي ڪجهه به ٿئي يا جيل هليو وڃان ته اوهان جدوجهد جاري رکجو

عمران خان چيو ته پوليس مونکي گرفتار ڪرڻ آئي آهي، اُنهن جو خيال آهي ته مان جيل هليو ويندس ته قوم ماٺ ٿي ويندي، عوام کي پنهنجن حقن ۽ آزادي لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو، مون سڄي ڄمار اِها جنگ وڙهي آهي ۽ وڙهندو رهندس

عوام سان مخاطب ٿيندي عمران خان چيو ته اوهان کي ثابت ڪرڻو آهي ته عمران خان کانسواءِ به قوم جدوجهد جاري رکندي

واضح رهي ته عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس جي ٽيم لاهور پوليس جي نفري ساڻ ڪري زمان پارڪ وٽ موجود آهي، جتي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي

عمران خان جي گرفتاري جو پلان: زمان پارڪ جو گهيراءُ: بڪتر بند گاڏيون پهتل: ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود

توشه خانه ڪيس: عمران خان جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ بابت تفصيلي فيصلو جاري