اسلام آباد:  ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينا کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فوج مخالف بيانن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي،  ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف ڳالهائيندي چيو ته جيڪو به اسان جي فوج ۽ عوام وچ ۾ تعلقاتن کي نقصان پهچائڻ جو ارادو رکي ٿو اهو پاڪستان جو دوست نه ٿو ٿي سگهي، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جانين جا نذرانا پيش ڪري نه صرف دشمن کان ملڪ کي بچايو پر هڪ هڪ چپي جي حفاظت ڪئي ۽ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندا رهيا آهن، پاڪ فوج دشمنن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملايو آهي، هن چيو ته ٻوڏ جي تباهين سبب درپيش چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام متحد آهي، عوام ان چيلنج  کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري 1965ع جي جنگ جهڙو مظاهرو ڪيو آهي، ان صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري نئون باب رقم ٿيندو، ذريعن مطابق اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پاڪ فوج خلاف بيانن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي حوالي سان ڪابينا ۾ ڪو واضح فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.