اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ وڌيڪ 3 رُپيا 39 پئسن جي واڌ ڪئي وئي آهي، نيپرا بجلي جي في يونٽ قيمت وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا بجلي جي اگهن بابت ٽماهي ايڊجسٽمينٽ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. نيپرا بجلي جي اگهه ۾ 3 رُپيا 39 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني. نوان اگهه آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندا، جڏهن ته اها واڌ نومبر ۽ ڊسمبر ۾ پڻ وصول ڪئي ويندي. نيپرا بجلي ڪمپنين کي 95 ارب واڌو اوڳاڙين جي اجازت ڏئي ڇڏي. واهپيدارن نيپرا کان ڪي اليڪٽرڪ جي ٻڌڻي لاءِ وڌيڪ وقت مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي نيپرا چيئرمين جواب ڏنو ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻڌڻي تي ڀرپور وقت ڏنو ويندو آهي. نيپرا چيئرمين اهو به چيو ته ڪراچي جا واهپيدار اڪثر جذباتي ٿي ويندا آهن.