لاهور(م ڊ) پنجاب جي گهرو کاتي وزيرآباد واقعي تي جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم تي وفاق جي خدشن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب پنجاب جي گهرو کاتي سينيئر اختيارين کي ان حوالي سان آگاهه ڪندي چيو آهي ته وزيرآباد واقعي جي جي آءِ ٽي تي وفاق جا خدشا درست آهن، جنهن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. پنجاب جي گهرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي ۾ انٽيليجنس ادارن جا نمائندا شامل هجڻ ضروري آهن، جي ان ۾ انٽيليجنس نمائندا شامل نه هجن ته اها پنجاب جي آفيسرن تي ٻڌل ڪاميٽي چئي ويندي. ذريعن ٻڌايو ته وفاق جا خدشا امن امان واري صوبائي سب ڪيبينٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.