اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي عدالت وڃڻ جي چيلينج ڏيندي چيو آهي ته عمران خان بس هاڻي گهڻو ٿي ويو، فارين فنڊنگ، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو جواب ته ڏيڻو پوندو، مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته گهڙي عمران خان 2 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪئي ۽ هينڊلرز ذريعي 28 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي، پيسا مني لانڊرنگ ٿي پاڪستان آيا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا ويا، هن چيو ته عمران خان پاڪستان، دبئي، مريخ يا وري چنڊ جتي چاهي ڪيس ڪري، رسيدون ته اتي به ڏيڻيون پونديون. هوڏانهن پيٽروليم واري مملڪتي وزير چيو ته خان صاحب توهان جي چوري پڪڙجي وئي آهي هاڻي رسيدون ڪڍو، پنجاب حڪومت فرح گوگي کي گهرائي جاچ ڪري.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته عمران خان نه صادق آهي نه امين، هڪ ارب ستر ڪروڙ رپين جي واچ پنج ڪروڙ رپين ۾ ورتي ۽ ڇهه ڪروڙ رپين ۾ وڪڻي ڇڏي، وري چئي ٿو ته ڪرپشن ناهي ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان ڪاغذ لوڏي چيو ته آمريڪا حڪومت مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پو وري اهو وڃائي ڇڏيو. هن چيو ته ڪيترن ئي جلسن ۾ آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻايو، وري چيائين ته اهڙي مقرري ان جو مسئلو ئي ناهي، مصدق ملڪ چيو ته توشا خانه ۾ عمران چئي ٿو ته هڪ هڪ هيرو پنج سئو رپين جو ورتو، وري چئي ٿو ته 5 سئو ۾ ورتل هيرو هڪ هزار رپين ۾ وڪرو ڪرڻ ڪرپشن ناهي.