ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته پارٽي جي ٽن نانگن آرمي چيف کي عمران خان خلاف ڀڙڪايو، وقت اچڻ تي ٽنهي نانگن ۽ 2 خاص ماڻهن جا نالا ٻڌائيندس، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته ٽن تحريڪ انصاف اڳواڻن کي نانگ سان تشيبهه ڏني ۽ چيو ته ٽن نانگن عمران خان جي وزارت عظميٰ واري دور ۾ وزيراعظم هائوس اندر آرمي چيف کي عمران خان خلاف ڀڙڪايو، مون آرمي چيف کي چيو ته عمران خان اهڙو ناهي، هنن جي ڳالهين تي نه لڳو. هن چيو ته ٽئي نانگ وزيراعظم بڻجڻ جا اميدوار آهن، ٽن نانگن، ڪجهه جيتن ۽ خاص ماڻهن پارٽي ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو. فيصل واوڊا چيو ته عمران خان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته کانئس ڪير ڪم پيو وٺي، مون عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ معاملا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪافي ڪامياب به ٿي ويو هيس پر پوءِ چيو ويو ته اسانجي اڳواڻن کي اگهاڙو ڪري تشدد ڪيو ويو آهي، جن ماڻهن ڪپڙا لاهڻ ۽ اگهاڙو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون، اهي ڪهڙا سچا آهن؟هن چيو ته فواد چوڌري اهڙي ڳالهه جو دفاع ڪري رهيو آهي، جو پنهنجي ڳالهه ڪرڻ لاءِ به کيس گهڻا ڪوڙ هڻڻا پوندا،هڪ سوال تي فيصل واوڊا چيو ته اسان اليڪشن جي لاءِ مئي ۽ پي ڊي ايم وارا آڪٽوبر چئي رهيا آهن، ڪجهه جيت ماڻهو به آهن جن وٽ ٻيڙيون پيئڻ لاءِ به پيسا ناهن، مون چيو هو ته ارشد شريف جو ليپ ٽاپ ۽ فون نه ملندو، نه مليو. هن دعويٰ ڪندي چيو ته لانگ مارچ ۾ مارجي ويل شهري معظم کي عمران خان جي ڪنٽير مان ايليٽ اهلڪار جي هٿيار جي گولي لڳي، جنهن شخص عمران خان تي فائرنگ ڪئي ان جي گولي معظم کي نه لڳي.